ڪراچي: شب برات جي مناسبت سان سڀاڻي اربع ڏينهن سنڌ جي سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪل هوندي.صوبائي تعليم کاتي سڀاڻي 8 مارچ تي سڀني سرڪاري ۽ نجي ڪاليجن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولز اينڊ ڪاليجز ايسوسيئيشن جي چيئرمين حيدر علي پنهنجي بيان ۾ چيو ته شب برات جي مناسبت سان 8 مارچ اربع تي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪل هوندي.هن ٻڌايو ته تعليم کاتي جي اسٽيرنگ ڪميٽي جي موڪلن بابت طئي ٿيل شيڊيول ۾ هر سال شب برات جي موقعي تي تعليمي ادارا بند هوندا آهن.