عمران خان جي مقبوليت ذوالفقار علي ڀٽو کان ٻيڻي آهي: پرويز الاهي

لاهور: تحريڪ انصاف اڳواڻ پرويز الاهي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي مقبوليت ذوالفقار علي ڀٽو کان ٻيڻي آهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته پ پ جي احسان الحق تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، پ پ ۽ ن ليگ جا ماڻهو ٽارگيٽ ڪري تحريڪ انصاف ۾ آڻڻا آهن، مريم نواز ن ليگ کي وڌيڪ نقصان پهچايو آهي.صحافي سوال ڪيو ته عمران خان چئي ٿو اسٽيبلشمينٽ ان تي ڪاٽا لڳائي ڇڏيو آهي، ڇا توهان اهو ڪاٽا هٽائي سگهو ٿا؟ جنهن تي پرويز الاهي چيو ته ڪاٽا الله طرفان لڳندو آهي ۽ جڏهن اهو لڳي ته زندگي ختم ٿي ويندي آهي.
هن عمران خان جي مقبوليت ذوالفقار علي ڀٽو کان ٻيڻي هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته چونڊن جا جيڪي نتيجا اچڻا آهن، اهي ماڻهو انهن کان ڊڄن ٿا.