عمران خان ويندڙ جي ڳچي ۽ ايندڙ چيف جا پير پڪڙيندو آهي: مريم نواز

شيخوپورا: ن ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ويندڙ جي ڳچي ۽ ايندڙ چيف جا پير پڪڙيندو آهي.شيخوپورا ۾ ن ليگ جي تنظيمي ڪنوينشن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جنرل باجوا جي رٽائر ٿيندي ئي چئي ٿو ته ان کي ڪورٽ مارشل ڪيو ۽ جنرل باجوا جي نوڪري تائين چوندو هو ته ڪڏهن اهڙو جنرل ناهي آيو.هن چيو ته ن ليگ قيادت کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو ويو، نواز شريف خلاف سازش جو سڀ اعتراف ڪري رهيا آهن، عمران خان سان جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن بيماري جو بهانو ڪرڻو هو ته عزت واري بيماري جو ڪيو ها.سندس موجب ڪالهه ثاقب نثار عمران خان جو صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ واپس وٺي ڇڏيو، چئي ٿو ته مان عمران کي مڪمل سرٽيفڪيٽ نه ڏنو، ڇا صادق ۽ امين جو ڪو اڌ سرٽيفڪيٽ به هوندو آهي.مريم نواز چيو ته ڪيس شروع ٿيڻ تي عمران خان گهران نه نڪتو، ڇا هڪ بهادر قوم جو ليڊر گدڙ ٿي سگهي ٿو؟ نواز شريف ڪارڪنن ۽ عورتن کي پنهنجو ڍال نه بڻايو.ن ليگ اڳواڻ چيو ته 22 ڪروڙ عوام جي قسمت نشائي جي حوالي ڇو ڪئي وئي؟ ڪروڙين عوام جي قسمت بدعنوان ۽ نااهل شخص جي هٿ ڇو ڪئي وئي؟ ڊيم وارو بابا ٻڌائي ته هن عمران خان جي چونڊون کٽڻ ۾ ڪيئن مدد ڪئي؟ توهان جي ڪري پاڪستان جي ترقي هيڪ ٿي وئي.هن چيو ته بابا زحمت انصاف جي ڪرسي تي ويهي ماڻهن جا پٽڪا لاهيندو هو، ڪالهه چئي رهيو هو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال هو نواز شريف کي نااهل ڪرڻ ضروري آهي، جنرل (ر) فيض حميد جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي گهر ويو ۽ چيو نواز شريف کي ضمانت ڏني ته ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي، نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کي ضمانت نه ڏجو.سندس چوڻ هو ته نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ ذلت کان نه بچي سگهيو، نواز شريف چيو هو ته پنهنجو فيصلو الله تي ٿو ڇڏيان، اهڙو ڪو ناهي جنهن نه چيو هجي ته نواز شريف سان زيادتي ٿي، جيڪڏهن ڪو رهجي ويو آهي ته اهو به چوندو.