مريم نواز(ر) جنرل فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نوازشريف اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ويب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ مريم نواز چيو ته فيض حميد 2 سال مسلم ليگ(ن) جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ 4 سال عمران حڪومت جي حمايت ذريعي ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو ان لاءِ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ گهرجي.مريم نواز چيو ته غير آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي عبرت جو نشانو بنائڻ گهرجي ته جيئن آئنده ڪوبه اهڙي قسم جي جرئت نه ڪري. هن چيو ته هائبرڊ نظام آڻيندڙن کي سڀني کان وڏي سزا(ووٽ کو عزت دو) جي شڪل ۾ عوامي آگاهي مهم مان ملي آهي ۽ مان اهو سمجهان ٿي ته اها بهتر ڳالهه آهي ته نوازشريف قرباني ڏني. مريم نواز چيو ته مان غير آئيني ڪردار ادا ڪندڙن تي تنقيد ته ڪندي آهيان پر ڪنهن به اداري کي حدف بنائڻ جي حق ۾ نه آهيان. منهنجو خيال آهي ته ادارن کي به اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيڻ گهرجي ۽ انهن جو احتساب ڪرڻ گهرجي جيڪي ادارن جي بدنامي جو سبب بڻيل آهن.
انٽرويو دوران مريم نواز اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي به قوم جو سڀني کان وڏو ڏوهاري قرار ڏنو. هن چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار هن وقت تائين متحرڪ آهي هو ڪيترو به ڪوڙ ڳالهائي قوم کي هن جي باري ۾ سڀ خبر آهي. مان سمجهان ٿي ته ثاقب نثار هن قوم جو سڀني کان وڏو ڏوهاري آهي.مريم نواز چيو ته ثاقب نثار انصاف جي سڀني کان وڏي ڪرسي تي ويٺل هو پر هڪ ڪرنل ۽ برگيڊيئر کيس هدايتون ڏيندا هئا. جنرل فيض هن کي هدايتون ڏيندو هو ۽ هن ان سان ملاقات کان به انڪار نه ڪيو.مريم نواز وڌيڪ چيو ته ثاقب نثار قوم تي جيڪو ظلم ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه هن هڪ چونڊيل وزيراعظم نوازشريف سان ڪيو ان کان به وڏو ظلم اهو هو ته هن هڪ نااهل، نالائق ۽ هر طرح سان بدڪردار شخص کي آڻي قوم مٿان مڙهي ڇڏيو. ثاقب نثار هاڻ عوامي ميڙ ۾ به وڃڻ جي قابل نه آهي. مان سمجهان ٿي ته اهڙن ڪردارن کي عبرت جو نشانو بنائڻ کان سواءِ قوم ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي هي ملڪ اڳيان وڌي سگهي ٿو.