سکر:سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري کي سکر ڊويزن ۾ استادن جون خالي پوسٽون هڪ هفتي اندر ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ڊبل بينچ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن، تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ آفيسرن پاران آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف داخل آئيني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ ٻڌڻي جي شروعات تي ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس سنڌ پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي ته سکر ڊويزن ۾ پرائمري استادن جون 8619 پوسٽون خالي آهن، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل منظور حسين لاڙڪ دليل ڏيندي چيو ته سکر ڊويزن ۾ وڏي تعداد ۾ پوسٽون خالي آهن، هزارين اميدوارن حڪومت پاران کنيل آءِ بي اي جو امتحان سٺي مارڪن سان پاس ڪيو آهي پر انهن کي ڀرتي نه ڪيو پيو وڃي، ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور تعليم ۽ خزانچي کي چيو ته جڏهن ته 83 هزار اميدوارن آءِ بي اي جو ٽيسٽ پاس ڪري چڪا آهن پوءِ انهن کي نوڪري ڇونه ٿي ڏني وڃي، هي ٻارن جي مستقبل جو مسئلو آهي، ڇا انهن اسڪولن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سيڪريٽري تعليم سنڌ کي حڪم جاري ڪندي چيو ته هڪ هفتي اندر ڊي اي اوز سان صلاح مشورا ڪري سکر ڊوي