پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ پاران مزدور عورتن جي عالمي ڏينهن 8 مارچ 2023 کي “بچايو ڳوٺاڻن جا انمول اثاثا” مهم براءِ مال مويشي ۽ کير جو آغاز ڪيو آهي، هن مهم جو مقصد حڪومت پاران تازو قدرتي کليل کير تي مڪمل پابندي جي قانون کير ۽ مال مويشي جي شعبي ۾ وڌندڙ آزاد تجارتي پاليسين ۽ ان شعبي تي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين جي قبضي خلاف هارين ۽ عوام کي خبردار ڪندي پنهنجي خوراڪ، روزگار ۽ ماحول کي بچائڻ لاءِ عوام کي متحرڪ ڪرڻ آهي.
پنجاب ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران کير جي شعبي ۾ وڌائي ڪري قانون سازي شروع ڪئي آهي، ان حوالي سان پنجاب ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽين پاران 2012 ۾ پيور فوڊ قانوني ضابطه (ريگيوليشنز) جاري ڪيا آهن، جنهن جي فوري اطلاق جي لاءِ هاڻي پنجاب حڪومت لاهور ۽ ان کان پوءِ پوري پنجاب ۾ تازو کليل قدرتي کير تي مڪمل پابنديءَ لاءِ هر هر اعلان ڪري رهي آهي، انهن قانوني ضابطن تحت تازو قدرتي کليل کير کي پيچورائيز ڪرڻ کانپوءِ ئي وڪرو ڪري سگهجي ٿو، اهو ڪاروبار جيڪو کير ۽ کير سان ٺهندڙ مختلف شين کي تيار ڪري ٿو، انهن سڀني کي حڪومت کان لائسنس وٺڻو پوندو. ان قانون پٺيان ڪهڙن طاقتور گروهن جو هٿ آهي؟ هي قانون عالمي تجارتي ادارو ڊبليو ٽي او جي تحت (سينيٽري ۽ فائيٽوسينٽري، ايس پي اس) معاهدي ۽ ٽيڪنيڪل بيئرز کي سامهون رکي ڪري ٺاهيو ويو آهي، هي قانون کي اصل ۾ وڏن وڏن ديوهيڪل کير ۽ مال مويشي جي سرمائيدار ۽ سرمائيڪار ڪمپنين جي چوڻ تي ٿي رهيا آهن، عالمي سطح تي کير ۽ کير سان تيار ٿيندڙ مکڻ، پنير،ملائي ۽ ٻين مصنوعات اهي ئي منافعو حاصل ڪن ٿيون، انهن جي سامهون ننڍا ۽ بي زمين هاري گهراڻا آهن، جن ۾ خاص ڪري ان شعبي سان منسلڪ مزدور ڪسان عورت جي سخت محنت اسان جي پوري ملڪ کي کير ۽ گوشت جهڙي انمول خوراڪ ميسر ڪنديون آهن، اصل ۾ اجاره دار ڪمپنيون انهن جي لکين گهراڻن جي روزگار ۽ خوراڪ تي ڌاڙو هڻي رهيون آهن، ڳوٺاڻي هاري ۽ مزدور عورت جو زراعت خاص طور مال مويشي ۽ کير جي پيداوار ۾ ڪليدي ڪردار سبب ئي هن مهم جو آغاز مزدور عورتن جي عالمي ڏينهن 8 مارچ کان ڪيو وڃي ٿو. خيال رهي ته هن شعبي ۾ هاڻي غير ملڪي نسلن ڳئن کي پاڪستان آندو وڃي ٿو ۽ ڪوشش آهي ته پاڪستاني نسل جي کير ڏيندڙ اعليٰ قسم جي جانورن کي ختم ڪري غير ملڪي جانورن کي هارين مٿان مسلط ڪيو وڃي، نه صرف جانور پر افزائش نسل جي لاءِ ماده (سيمن) به ملڪ ۾ درآمد ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ غير ملڪي کاڌو ۽ ٻج به مارڪيٽ ۾ عام ڪيو وڃي ٿو، نتيجو ڇا ٿيندو؟ هن وقت پاڪستان جو مجموعي قرضو 126.3 بلين امريڪي ڊالر (تقريبن 337 کرب روپين) تائين پهچي چڪو آهي، ان قرض جي بار سبب عوام پهريائين ئي بدحاليءَ جو شڪار آهي ۽ هاڻي وڌيڪ قرضو برداشت نه ٿو ڪري سگهي، نه ئي اسان پنهنجي مال مويشي جي قدرتي نسلن کي سنڀاليون پر اسان وڌيڪ قرضو کڻي غير ملڪي اجاره دار ڪمپنين کي پنهنجي منڊيءَ تي قبضي جي کلي طرح دعوت ڏيون ٿا. خيال رهي ته مال مويشي شعبي زراعت ۾ تقريبن 60 سيڪڙو حصو رکندو آهي ۽ ملڪ جي پيداوار ۾ 11 سيڪڙو حصو وجهندو آهي، وڌيڪ اهو ته اسان جي ملڪ جي تقريبن هڪ ڪروڙ ڳوٺاڻن گهراڻن جي لاءِ آمدنيءَ جو ذريعو آهي، انهن جي خوراڪ بلڪه پوري ملڪ قوم جي خوراڪ جو بندوبست انهن ڳوٺاڻن گهراڻن جي ڪلهن تي آهي انهن ئي ڳوٺاڻن، مزدور هاري گهراڻن جي محنتن پاڪستان کي دنيا جو چوٿون وڏو کير پيدا ڪرڻ واري ملڪ جو درجو قرار ڏنو آهي. ان قدر شاندار پيداوار تي قبضو ڪرڻ لاءِ آزاد تجارت ۽ نيوليبرازم جي پاليسين جي آڙ وٺي سامراجي طاقتن کي اسان جي انمول اثاثن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي اها حقيقت آهي ته منافع خور ڪمپنين جي لاءِ جنوبي ايشيا ۽ چين جا وڌيڪ (صارف) آبادي کير ۽ کير سان ٺهندڙ شين جي استعمال لاءِ هڪ تمام گهڻي “پرڪشش” منڊي آهي. پاڪستان ۾ننڍن ۽ بي زمين هارين کي هن وقت کير ۽ کير سان منسلڪ شين جي منڊي تي 80 سيڪڙو اختيار آهي، جيڪي عالمي منڊين کي سخت ۽ ناگوار لڳي رهيو آهي، هن 80 سيڪڙو منڊيءَ تي ڪمپنيون ڌاڙو هڻڻ لاءِ هر طرح جا حربا استعمال ڪندي هن کي بدنام ڪري رهيون آهن، پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ جو مسسم ارادو آهي ۽ اها انهن سامراجي هٿڪنڊن کي ناڪام بڻائي، اسان پنهنجن انمول اثاثن کي سنڀالڻ ڄاڻون ٿا، اسان پنهنجي قدرتي ٻجن کي ناقص انسان دشمن، هاري دشمن، ماحول دشمن، هائبرڊ ۽ جينياتي ٻجن جي هٿان وڃائجي چڪو آهي، هاڻي اسان روائتي انمول جانورن کي برباد ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين.
ولي حيدر، علي نوازجلباڻي، حاڪم گل، علي گوهر گبول، برڪت علي ناپر
جاري ڪندڙ: پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ.