ڪنڌڪوٽ: عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي ڪائنات ڊولپمينٽ ويلفئر ايسوسيئيش پاران وي۔آر۔ ليڊرس جي عنوان هيٺ تقريب جو احتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ڪشمور ضلع جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جي عورتن۔سياسياڳواڻن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .تقريب کي خطاب ڪائنات ويلفئر جي سي۔اي۔او احمد بخش چنه پهنجي خطاب ۾ ڄاڻ ڏيندي چيو ته ڪائنات ايسوسيئيشن پاران مختصر وقت تي ضلع جي پٺ تي پيل علائقن ۾ پهچي 14500 عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڏنا ويا ۔اليشن دوران عورتن کي بطور ايجنٽ فرائض انجام ڏيڻ لاء 30 عورتن کي ٽرينگون ڪرايون ويون۔ 30 عورتن کي اليڪشن ۾ بطور آبزرويشن لاء ٽرينگون ڪرايون ويون ۽ ساڻ گڏ 20 صحافين کي به پڻ ٽريننگون ڪرايون ويون ان موقعي تي تقريب کي ڊاريڪٽر سوشل ويلفئر ۔اليڪشن ڪمشنرپی۔ٹي۔أٸي اڳواڻ عبدالعزيز سومرو۔وڪيل عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين سيا سي سماجي اڳواڻن عورتن جي عالمي ڏهاڙي کي ملهائڻ جي اصل حقيقت کان آگاه ڪندي عورتن کي پهنجن بنيادي حقن جي حاصلات ۾ اڳڀرو رهڻ ۽ عورتن کان احساس محرومي ختم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو۔ھنن وڌيڪ چيو ته عورتن کي اسلام سميت هر مذھب سان گڏ رياستن پاران شرعي ۽ قانوني حقوق ڏنا آھن پر کين انهن جي حاصلات لاء مردن جي مختلف روپن پاران کين رڪاوٽون بيهاري گهرن تائين محدود ڪيو پيو وڃي۔ان موقعي تي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪندي سياسي پارٽين کان مطالبا ڪياويا ته پهنجي سياسي پارٽي ۾ عورتن جي ممبرشپ کي وڌايو وڃي۔عورت ممبرن کي پارٽي اندر اهم عهدا ڏنا وڃن۔جنرل سيٽن تي عورتن جي اميدوار لاء سياسي پارٽين تي زور ڏنو وڃي ۔جڏهن آخر ۾ بديهل ڪلوڙ۔ربينه۔حسينه خاتون سميت مختلف سياسي سماجي 20 اڳواڻن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏناويا۔