سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم ملڻ بعد ڪشمور پوليس جو ڪچي جي علائقي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آھي۔ ايس ايس پي عرفان سمون عدالتي حڪم ملڻ کانپو۽ ڪچي ۾ موجود روپوش ڏوھارين خلاف سرچ آپريشن تيز ڪري ڪيترن ئي ڏوھارين جي ٿاڪن کي باھيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو آھي۔ ڪشمور پوليس پاران ڪچي ۾ ڏوھارين جي ڪارواين کي روڪڻ لا۽ پنج پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ جي دعوا به ڪئي وئي آھي۔ڪجھ عرصو اڳ ڪچي جي ڏوھارين پاران ڪشمور پوليس کان پل جو ڀتو گھرڻ لا۽ گھوٽڪي پل جي اڏاوتي ڪم کي روڪڻ جون ڌمڪيون مليون ھيون جنھن بعد ڪشمور پوليس ڪچي ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪري پل جو ڪم ٻيھر شروع ڪرائي ڇڏيو آھي۔ ڪشمور جي ايس ايس پي عرفان سمون اھو به چيو ته 15 پوليس پڪٽون ڪچي اندر قائم ڪيون وينديون ته جيئن ڪچي کان پڪي طرف ايندڙ جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين کي وارداتون ڪرڻ جو آسان موقعو نه ملي سگھي