حيدرآباد :۾ ڊرائيور معمولي ڳالهه تان ڊاڪٽر کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: سنڌ جي ٻئين وڏي شهر حيدرآباد ۾ ڊرائيور معمولي ڳالهه تان ناليواري ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين موجب جلد جي بيمارين جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جو لاش سندس گهر مان هٿ آيو آهي جڏهن ته سندس بورچي ڪچن ۾ بيهوش پيل مليو. پوليس لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مقتول جا گهر ڀاتي آمريڪا ۾ رهائش پذير هئا جڏهن ته هو پاڻ سٽيزن ۾ رهندو هو.اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي . ايس ايس پي ٻڌايو ته ڊاڪٽر جي گهر ايندي ئي ڊرائيور سان تڪرار ٿي جنهن تي هن ڇري جا وار ڪري ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي موجب ڊرائيور مقتول ڊاڪٽر جي گاڏي کڻي فرار ٿي ويو جنهن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي ڇاپو هنيو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو. آهي.صوبائي وزير ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار حنيف لغاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان معاملي ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ڊرائيور حنيف جي بيان بعد ئي معاملي جي وڌيڪ خبر پوندي.