اسلام آباد پوليس جي عورت مارچ ۾ شريڪ عورتن تي لٺبازي، شيري رحمان جي مذمت

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس طرفان عورت مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن تي لٺبازي جو واقعو پيش آيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ٽولين جي صورت ۾ عورتن جي مارچ ۾ شرڪت سبب ڏند چڪ ٿي، جڏهن ته عورتن جو چوڻ آهي ته پوليس عورت مارچ کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن سبب تڪرار ٿيو.اسلام آباد پوليس موجب مارچ دوران عورتن تي لٺبازي ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، ذميوارن جو پتو لڳائي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.ان حوالي سان وفاقي وزير شيري رحمان جو چوڻ آهي ته افسوس پرامن عورت مارچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي، انتظاميا کي روٽ جي خبر هجڻ گهرجي ها، عورتون مايوس ۽ ڪاوڙيل آهن، واقعو گهرو وزارت جي نوٽيس ۾ آندو ويو آهي.هن چيو ته مان واقعي جي مذمت ڪيان ٿي، پوليس وٽ پرامن جلوس تي لٺبازي جو ڪو جواز نه هو، لٺيون کڻندڙ عورتن کي پوئتي ڌڪڻ جي ضرورت آهي ترقي پسند عورتن کي نه، اهو رويو برداشت نه ڪنداسين.