لاهور:پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس طرفان زمان پارڪ ڪينال روڊ تان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس پاران زمان پارڪ ويجهو واٽر ڪينن ۽ وڏي نفري پهچائي وئي آهي.پي ٽي آءِ جا ڏنڊا بردار ڪارڪن به زمان پارڪ ۾ موجود آهن، عمران خان جي رهائش گاهه آڏو پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ منهن ماري ٿي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڪيئي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ لاهور ۾ ريلي جو اعلان ڪيو هو، ريلي جي حوالي سان فواد چوڌريءَ جو چوڻ هو ته ريلي آئين ۽ عدليا سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍي ويندي.ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزارت لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.صوبائي گهرو وزير طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاهور ۾ احتجاج، ڌرڻي ۽ مظاهرن تي به پابندي مڙهي وئي آهي جيڪا اڄ کان لاڳو هوندي ۽ ستن ڏينهن تائين جاري هندي.نوٽفڪيشن موجب پابندي لاهور ۾ ٽريفڪ ۽ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي آهي.