حيدرآباد: حيدرآباد ۾ قائم خانگي ليبارٽري عوام لاءِ آزار بڻجي وئي آهي، صدر واري علائقي ۾ قائم خانگي ليبارٽري ۾ ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين، اِي اِي جي، اِي سي جي، الٽرا سائونڊ توڙي ٻين ٽيسٽن جي مد ۾ مريضن ۽ سندن وارثن کان هزارين رپيا اوڳاڙڻ باوجود کين وقت سر ٽيسٽون نه ڏيڻ ۽ ماهر ڊاڪٽرن بدران ٽيڪنيشن پاران ٽيسٽن جا نتيجا تيار ڪرڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن.ليبارٽري انتظاميا خلاف متاثر ماڻهن عبدالستار، مقيم احمد، علي نواز ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ خانگي ليبارٽرين وارن عوام لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، خانگي ليبارٽرين جا مالڪ ڪات ڪهاڙا کنيو ويٺا آهن، هزارين رپيا اوڳاڙڻ باوجود وقت سر ٽيسٽون نه پيون ڏنيون وڃن جنهنڪري سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هنن چيو ته خانگي ليبارٽري ۾ اسان پنهنجي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عزيزن کي کڻائي پهتاسين، جتي ٻن ٽن هزارن واري ٽيسٽ جا 10 کان 15 هزار ورتا ويا پر ماهر ڊاڪٽرن بدران اتي ڪجهه درجا پاس ٽيڪنيشن ويٺل آهن، جڏهن ته ٽن ڏينهن کان ليبارٽري جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر نتيجا اڃا تائين نه پيا ڏنا وڃن.هنن چيو ته خانگي ليبارٽرين جي صحت کاتي توڙي لاڳاپيل اختيارين پاران ڪابه چڪاس نه پئي ڪئي وڃي، اوزار پراڻا ۽ معيار جوڳا نه هجڻ ڪري نتيجا به صحيح نه پيا اچن.هنن مطالبو ڪيو ته عوام کان ڦرلٽ ڪندڙ اداري جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري ليبارٽري عوام لاءِ رليف ۽ سهولت جوڳي بڻائي وڃي.