نئين آرمي چيف جي اچڻ سان ڪابه تبديلي ناهي آئي، سختيون وڌي ويون آهن: عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون سوچيو هو ته نئون چيف ايندو ته تبديلي ايندي پر اڃان تائين تبديلي ته نه آئي آهي پر سختيون وڌي ويون آهن.برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته اهي بيان هلي رهيا آهن ته مان آرمي چيف سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو، مون کي اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت ناهي. جنهن پارٽي سان ملڪ جي عوام گڏ هجي ان کي سهاري جي ضرورت ناهي هوندي.عمران خان چيو ته مان صرف ملڪ ۾ چونڊون چاهيان ٿو ۽ ان جي لاءِ مان ڪنهن سان به ڳالهين لاءِ تيار آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کان پڇيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ اوهان سان ڳالهيون ڪري ته ڇا اوهان ڳالهيون ڪندو؟ جنهن تي مون چيو ته مان سياسي ماڻهو آهيان مان سڀني سان ڳالهيون ڪندس، سواءِ چورن جي.ان دوران عمران خان واضح ڪيو ته مون ڪڏهن به آرمي چيف کي ڳالهين جي دعوت نه ڏني نه ئي وري شهباز شريف کي.فوجي قيادت جي تبديلي کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جي رويي بابت سوال تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جي لاءِ ڪوبه فرق ناهي پيو. اسان جي مٿان جنرل باجوه جي دور ۾ ڪيس تيار ڪيا ويا. ان کان اڳ ڪڏهن به سينئر ماڻهن تي ايترو تشدد نه ٿيو. اسان سوچيو هو ته نئون چيف ايندو ته تبديلي پر ڪابه تبديلي نه آئي پر سختيون وڌي ويون آهن.هن وڌيڪ چيو ته مان چاهيان ٿو ته مان ڊس ڪواليفاءِ ٿي وڃان يا جيل هليو وڃان ۽ هي چونڊون کٽي وڃن، قوم هاڻ حڪومتي پارٽين جي خلاف ٿي چڪي آهي ان لاءِ مون 2018 جون چونڊون کٽيون. هاڻ جيڪا مهانگائي ٿي آهي ان ۾ ته هي پارٽيون دفن ٿي چڪيون آهن.پرويز الاهي کي پارٽي صدر بنائڻ بابت عمران خان چيو ته وائيس چيئرمين پارٽي جو اهم ماڻهو ئي ٿيندو آهي. پرويز الاهي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ برداشت ڪيو، هو مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ رهيو ان لاءِ کيس عزت ڏيڻ لاءِ پارٽي جو عهدو ڏنو.عمران خان چيو ته منهنجي مٿان 70 کان وڌيڪ ڪيسز آهن، اهي سمورا ڪيسز عجيب نوعيت جا آهن جيڪي عدالت ۾ ويندي ئي ختم ٿي ويندا.