غوثپور. ڳوٺ نصير خان ڀيو جي مين پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه هجڻ تي شاگردن پاران ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي ۽ تعليم کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي شاگردن توڙي شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آهي ته گذريل 15 سالن کان اسڪول جي مرمتي ڪم ناهي ٿي سگهيو مسلسل برساتون پوڻ سبب اسڪول زبون حالي جو شڪار بڻجي ويو آهي ۽ ڇت جا چاپڙ به ڪري پيا آهن جنهن سبب خوف مان شاگردن جي حاضري ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي ويئي آهي مظاهرين جو اهيو به چوڻ هو ته اسڪول ۾ بجلي جي فراهمي ڪيترن ئي سالن کان معطل بڻيل آهي ۽ پاڻي جي سهولت کان به محروم بڻيل آهيون جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي آهي وڌيڪ مظاهرين تعليم کاتي واري وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائي ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جئين ڳوٺ نصير خان ڀيو سميت سوين ڳوٺن جا ٻار تعليم بهتر نموني سان پرائي سگهن…