فوج ۾ فيصلو چيف جو هوندو آهي: فيض حميد جو پنهنجي خلاف لڳندڙ الزامن تي موقف سامهون اچي ويو

راولپنڊي: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جو پنهنجي مٿان لڳايل الزامن بابت موقف سامهون اچي ويو آهي.فيض حميد جو چوڻ آهي ته فوج ۾ فيصلو چيف جو هوندو آهي، جنهن دور بابت الزام لڳا ان وقت ميجر جنرل جي عهدي تي هيس، ڇا ڪنهن ميجر جنرل لاءِ اڪيلي سر حڪومت ختم ڪرڻ ممڪن هو؟ فيض حميد پاڻ مٿان الزامن جي ترديد نه ڪئي ۽ سموري ذميواري اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) باجوه مٿان وجهي ڇڏي.ان حوالي سان نجي چينل جي اينڪر جو چوڻ آهي ته فيض حميد پنهنجي مٿان لڳندڙ الزامن تي مون ڏانهن ميسيجز اماڻي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ فيض حميد چيو آهي ته سمورا فيصلا عدالتن ڪيا.ياد رهي ته گذريل ڏينهن مريم نواز فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جو مطالبو ڪيو هو، مريم نواز الزام هڻندي چيو هو ته فيض حميد نوازشريف جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ سزائون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.