ڪنڌڪوٽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي پاران روز مرھ جي اگھن بابت گڏجاڻي  ڪندي

ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ منور علي مٺياڻي جي صدارت هيٺ پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ ڪشمور ضلعي جي روز مره استعمال جي شين جا اگهه مقرر ڪيا ويا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي دوڪاندارن ، واپارين کي هدايت ڪئي ته هو روزانه استعمال ٿيندڙ شين جي مقرر ٿيل اگهن جي لسٽ مناسب جاءِ تي لڳائين ۽ ان مطابق شيون وڪڻن ، روز مره شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ منور علي مٺياڻي اسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار ڪارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ ريٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جا اچانڪ دورا ڪن ۽ وڌيڪ منافعو وٺندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي تفصيلات موجب روز مره استعمال ايندڙ شين ۾ فلور مل اٽو اوپن مارڪيٽ ، ڪڻڪ جو سادو اٽو(چڪي ) ۽ کنڊ
اوپن مارڪيٽ رکيو ويو آهي ، ڳڙ 120 دال منڱ ڌوتل 285 روپيه، دال منڱ ڌوتل 2, 275 ,روپيه ڪلو، دال مسور 1 نمبر 255 روپيه، مسور 2 نمبر 230 روپيه دال چڻه 240 روپيا، دال ماش 420 روپيه ڪلو ٻاڪرو(هلوان ) گوشت 1350 روپيه، وڏو گوشت پاڏو 650 روپيه ڪلو، مرغي گوشت اوپن مارڪيٽ، مڇي ڪلو کان وڌيڪ 400 روپيه ڪلو کان گهٽ 300 کير 130 روپيه , ڏهي 180 مقرر هوندا ، ڳاڙها مرچ ثابت 700 روپيه،ڳاڙها مرچ پيٽل 300/600 چانور سپر ڪرنل باسمتي پنجاب 315 روپيه، چانور سپر ڪرنل02 300 روپيه چانور 86 ، 190 روپيه چانور من 170 , بيسڻ 250 روپيه، سوجي 140 روپيه، ميدو 135 روپيه، مقرر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سبزين ۽ ميون جا اگهه روزانه جي بنياد تي واپارين سان گڏجي مختيار ڪار لاڳو ڪرڻ جا پابند هوندا. ان موقعي تي پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي ميمبران ضلعي جي واپارين ضلعي لا ڳاپيل آفيسرن ، اسسٽنٽ ڪمشنرز ضلعي جي مڙھني واپارين شرڪت ڪئي۔