ڪرمپور پوليس ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ ھڪ مھينو اڳ پوليس ھٿان بيگناھ گولين جو کاڄ بڻجي شھيد ٿيل غلام حسين جعفري جي وارثن سان انصاف نه ٿيو وارثن مرحوم مير ھزار خان بجاراڻي جي موڀي پٽ صوبائي وزير مير شبير علي خان

ڪرمپور پوليس ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ ھڪ مھينو اڳ پوليس ھٿان بيگناھ گولين جو کاڄ بڻجي شھيد ٿيل غلام حسين جعفري جي وارثن سان انصاف نه ٿيو وارثن مرحوم مير ھزار خان بجاراڻي جي موڀي پٽ صوبائي وزير مير شبير علي خان کي ميارون ڏيندي چيو ته ڪاش اڄ مير صاحب زندھ ھجي اڄ اسان جي شھيد جي قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ ضرور بيھاري ھا وڌيڪ شھيد جي وارثن محمد جمن جعفري گل حسن جعفري شاھ بيگ جعفري محمد عظيم جعفري ۽ ٻين احتجاج ڪرڻ بعد ميڊيا کي ٻڌايو ته شھيد جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايس ايڇ او شبير ڀيو وڏو منشي ڪي بي ڏاھاڻي ۽ ٻيا اھلڪار ايس ايس پي ڪشمور جا خاص گارڊ بڻيل آھن جن کي ايس ايس پي جي پٺڀرائي حاصل آھي قاتل اسان کي مختلف طريقي سان ڌمڪائي اسان کي ٺاھ لاء زور ڀرين ٿا پر اسان ڪڏھن به انھن قاتلن کي بخش نه ڪنداسين انصاف خاطر اسان عدالت سڳوري ۾ پٽشن درج ڪرائي آھي ۽ عدالت سڳوري مان اسان کي انصاف جي اميد آھي شھيد جا ٻچا روزاني صبح جو اٿي پنھـجي بابا کي سڏڪا ڀري سارين ٿا جن جون آھون ٻڌي اسان جو ھانء ڦاٽي پئي ٿو ھنن چيو ته جيڪڏھن صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي سچائي ڏيکاري ته قاتل ھڪ ڪلاڪ اندر لاڪپ ۾ ھوندا اسين چيف جسٽس آف پاڪستان سميت وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان پر زور مطالبو ڪريون ٿا ھو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي شھيد جي ٻچڙن سان انصاف ڪن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اڃا وسيع ڪيو ويندو