ڪنڌ ڪوٽ: ۾ ريفارم سپورٽ يونٽ ۽ تعليم کاتي جي طرفان اسڪول ڏاھان واپسي مھم جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ڊي او پرائمري ارشاد احمد بکراڻي ـ ڊي او سيڪنڊري غلام رباڻي ملڪ ـ سي ايم او نزاڪت علي ڏاھاڻي ـ اي سي ڪنڌ ڪوٽ رانا صفيان بابر ـ آر ايس جي ڪو آڊينيٽر ظھير احمد کوسو ـ ايڇ ايم جواھر لال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته علم جي روشني ترقي جو رستو آهي سرڪاري اسڪولن ۾ برساتي ٻوڏ سميت ٻين سبب جي ڪري ٻار اسڪولن کان نڪري ويا جيڪي واپس نه اچي سگھيا آهن ھنن جي واپسي لاء مھم ھلائي وڃي جئين ڳوٺن شھرن ۾ ٻار تعليم حاصل ڪري سگھن تعليم يافتا معاشرو قائم ڪرڻ لاء سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جو پيغام ھر گھر تائين پھچايو وڃي انھي دوران سيمينار ۾ مختلف اسڪولن مان آيل شاگردن تقريرون ڪري سنڌ ڌرتي جي تاريخي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء ٽيبلوز پيش ڪيا استادن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافي برادري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي