ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو 200 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 97 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 172 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 69 هزار 324 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 15 ڊالر واڌ سان 1834 ڊالر في اونس آهي.