پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع

اسلام آباد: جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ راجا خرم نواز عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي علي امين گنڊاپور پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت کيس لاڳيتو غير حاضر رهڻ تي اشتهاري قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي جنهن جي لاءِ عدالت جوابدار علي امين جو اشتهار جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ضمانت جي درخواست کي به رد ڪري ڇڏيو. عدالت علي نواز اعواڻ جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي