غوثپور ڀرسان ميرواھ واري علائقي ڀرسان ڳوٺ فاضل اوڳاھي ۾ مقامي ڳوٺاڻن عورتاڻي آواز تي ھرکجي مبينه اغوا ٿيندڙ ڪوئٽه واسي پٺاڻ شيرزمان خان کي تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين کان ڇڏائي ورتو۔ پٺاڻ جي دانھن تي ڳوٺاڻن پيڇو ڪري ڏوھارين سان مقابلي بعد کيس ڇڏائي ورتو۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب ڳوٺ فاضل اوڳاھي ۾ تيغاڻي گينگ جي ھٿياربندن عورتاڻي آواز تي ھرکائي ڪوئٽه واسي پٺاڻ شيرزمان کي مبينه اغوا ڪري موٽرسائيڪل تي چاڙھي ڪچي طرف وٺي وڃي رھيا ھئا ته پٺاڻ رستي ۾ دانھون ڪيون۔ سندس رڙيون ۽ دانھون ڪرڻ تي اوڳاھي برادري جا ماڻھو ھٿيار کڻي ڏوھارين جو پيڇو ڪري گھٽ ورتو ته ڏوھارين مٿن فائيرنگ شروع ڪري ڏني جنھن بعد ھنن پنھنجو گھيرو تنگ ٿيندي ڏٺو ته مغوي کي ڌڪو ڏيئي پاڻ ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ بعد ۾ ڳوٺاڻن ڪرمپور پوليس کي اطلاع ڪيو جيڪا واقعي واري ھنڌ پھچي پٺاڻ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويئي ۽ واقعي بابت ايس ايس پي ڪشمور کي تفصيل ڏنا۔