سکر: نيشنل پريس ڪلب جي اليڪشن ۾ کٽيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو هلندڙ،

آپڪا سکر جي وفد مقبول احمد مهر، محمد پناهه مهر، آغا طاهر مغل ۽ ٻين سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي چونڊيل عھديدران سينيئر نائب صدر عبدالرئوف عباسي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عاشق جتوئي، اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد سولنگي، انفارميشن سيڪريٽري ارشاد ڍنڍڻ، آفيس سيڪريٽري شبير جوڳي، سينيئر صحافي ساحل جوڳي، دين محمد سميجو، فقير عادل ابڙو عمير مغل محمد قاسم ملڪ ۽ ٻين کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون، ان موقعي تي مقبول احمد مهر چيو ته سکر نيشنل پريس ڪلب نہ صرف سکر پر سنڌ جي مظلوم ماڻهن ۽ نوڪري پيشه ماڻهن، ملازمن جو سگهارو آواز بڻي آهي، حق ۽ سچ جي لکڻ تي منتخب ٿيل صدر امداد ڦلپوٽو ۽ ان جي گهر ڀاتين کي ماضي ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اذيتون ڏنيو ويون پر کيس جس هجي جو سچ جو ساٿ ڏيندو رهيو، مقبول احمد مهر وڌيڪ چيو ته سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ اسان پنهنجي تنظيمي پيڊ تي سنڌ حڪومت کي درخواستون لکنداسي ته جيئن سکر نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان گڏ مسئلن جو شڪار ماڻهو اچن ته انهن کي به سهولتون ملن، ان موقعي تي آغا طاهر مغل پنهنجي خيالن جو اظه