حيدرآباد: جيئي سنڌ محاذ جي گڏجاڻي ھتي پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذري.اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان سڀاڻي 12 مارچ تي ڊجيٽل آدمشماري ۽ جبري گمشدگين خلاف اعلانيل احتجاج جو جائزو ورتو ويو.رياض علي چانڊيو ان موقعي تي ڳالھائيندي چيو ته مردم شماري جعلي ٿي رھي آھي سنڌ اسيمبلي جي قرارداد ۽ وزير اعلي جي خطن کي وفاق ردي جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي پوءِ به سنڌ حڪومت چئي ٿي ته اسان ان ڏس ۾ وفاق جي کنيل قدمن مان مطمين آھيون. اسين ان روش جي مذمت ٿا ڪريون ۽ پڇون ٿا ته سنڌ جي ماڻھن کي آگاهه ڪيو وڃي ته اھي ڪھڙا اقدام آھن، جيڪي وفاق کنيا آھن. بلاول زرداري ۽ مراد شاهه جا صرف نمائشي بيان جاري ٿيا پر عملي طور ڪجھ نظر نٿو اچي. پ پ سرڪار جا ڪلور اھي آھن ته ڪراچي ۾ ڌاريان طرفان جيئي سنڌ ۽ جيئي لطيف جا نعرا ھڻڻ تي سياسي ڪارڪنن کي تشدد جو نشان ٺاھيو پيو وڃي. ڊاڪٽر عاصم جي زال دائود انجنئيرنگ يونيورسٽي ۾ اچڻ سان ئي سنڌي استادن کي نيڪال ڪرڻ شروع ڪيو آھي. سنڌي شاگردن جا حق ماريا پيا وڃن، ڪراچي ۾ سڄي پوليس افغانين جي حوالي آھي، سنڌين لاءِ روزگار جا در بند ڪيا ويا آھن، ڪي پي ڪي جي ڊوميسائيل تي پٺاڻ ڪراچي ۾ اعلي نوڪريون پيا ڪن پر سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي پنھجي گادي جي ھند ۾ رھڻ به نٿو ڏنو وڃي. ان ڏاڍ جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي.ھن وڌيڪ چيو ته ڪارڪن سڀاڻي ڊجيٽل آدمشماري ۽ مسنگ پرسن واري معاملي تي ڀرپور احتجاج ڪن.ان موقعي تي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، منير بگٽي، علي سنڌي، اڪبر چانڊيو، حيدر سنڌي ۽ ٻيا موجود ھئا.