گذريل رات اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان ناپر ڪوٽ جي سپي شاخ واري علائقي ۾ ڦر دوران مارجي ويل غوثپور واسي نوجوان ذاڪر سومرو ۽ سندس ساٿي منظور سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف سولنگي ۽ سومرا برادري جي سوين ماڻھن جو مئن انڊس ھا۽ وي

گذريل رات اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان ناپر ڪوٽ جي سپي شاخ واري علائقي ۾ ڦر دوران مارجي ويل غوثپور واسي نوجوان ذاڪر سومرو ۽ سندس ساٿي منظور سولنگي جي اغوا واري واقعي خلاف سولنگي ۽ سومرا برادري جي سوين ماڻھن جو مئن انڊس ھا۽ وي تي لاش رکي ڌرڻو۔ خانپور پوليس انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي۔ وڌيڪ تفصيل موجب سومرا ۽ سولنگي برادري جي ماڻھن رات دير سان ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل منظور سولنگي ۽ مارجي ويل ذاڪر سومرو جي قتل خلاف رئيس سڪندر سومرو۔ رئيس گلڻ سومرو۔ حاجي سليمان۔ وڪيل فاروق سومرو ۽ ياسين سولنگي جي اڳواڻي ۾ ناپر ڪوٽ پوليس خلاف ڌرڻو ھڻي ٽائير ساڙي انڊس ھا۽ وي بندڪري ڇڏي آھي۔ جنھن سبب پنجاب کان سنڌڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي آھي ۽ سوين گاڏيون بيھجي ويون آھن۔ متاثرن جي وارثن ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڏوھارين اسانجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ نه ڏينھن جو محفوظ آھيون نه ئي رات جو نڪري سگھون ٿا۔ڪشمور ۽ خانپور ضلعن ۾ مڪمل راڄ آھي ڪير به محفوظ ناھي۔ علائقن تي ڏوھارين جو مڪمل ڪنٽرول آھي۔ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جيستائين واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪندئو اسان جو احتجاج جاري رھندو