ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري تي اسان جي خدشن کي ختم نه ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت آدمشماري بابت پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏيندي.ڪراچي ۾ گيمز جي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري تي اسان جا اعتراض ختم نه ڪيا ويا ته پوءِ سياسي حڪمت عملي به جوڙينداسين. ڪراچي ۾ رونقون بحال ڪرايون آهن. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا روڪيل نتيجا جاري ڪري. ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو ئي هوندو، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.وڏي وزير چيو ته آدمشماري بابت احسن اقبال کي به خط لکيو هو، اسان اهڙي آدمشماري چاهيون ٿا جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ هن وقت شديد مالي بحران مان گذري رهيو آهي. هڪ شخص جي چوڻ تي اسيمبليون ٽوڙيون ويون، اسان سياسي ماڻهو آهيون، چونڊن ڏانهن ضرور وينداسين. آڪٽوبر ۾ قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿيڻيون آهن. جڏهن قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿينديون ته پنجاب ۾ به سياسي حڪومت هوندي. هن چيو ته عدالتن کي آئيني بحران کي ڏسڻ گهرجي. عدالتن جا فيصلا ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا جي دٻاءُ تي به ڪيا ويندا آهن.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اخلاق کان ڪريل ڳالهين ڪرڻ جو رواج پي ٽي آءِ وڌو آهي. سنڌ ۾ سڀ محبت سان رهندا آهن. الزام لڳائڻ جي سياست ۾ نه هلندي. پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، پيار، محبت سان جيڪو ڪجهه ڳالهائيندو انکي جواب ڏنو ويندو، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.