ڪراچي: سي پيڪ جي سيڪيورٽي لاءِ قائم سنڌ پوليس جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ کي وڌيڪ هٿي ڏني پئي وڃي. جنهن جي لاءِ سنڌ پوليس ۾ ڌار کان پوليس اهلڪارن جي گريڊ 7 جي 1500 سيٽن تي ڀرتي جي شروعات ڪئي وئي آهي.ڀرتي جي لاءِ سنڌ جي ڪنهن به ضلعي جو ڊوميسائيل رکندڙ مرد اميدوار اهل قرار ڏنا ويا آهن. سي پيڪ اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جي ڪمانڊنٽ ڊي آءِ جي محمد ڪاشف ان سلسلي ۾ پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.جاري ڪيل پڌرائي موجب اميدوار جو مڃيل بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن مان گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ پاس هجڻ ضروري آهي. 16 کان 28 سالن جي عمر جا اميدوار ڀرتي جي لاءِ آن لائين درخواست ڏئي سگهن ٿا.اميدوار جو گهٽ ۾ گهٽ قد 5 فٽ 6 انچ ۽ ڇاتي جو گهٽ ۾ گهٽ 33 انچ هجڻ لازمي آهي. ڀرتي جا خواهشمند نوجوان 5 اپريل تائين آن لائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.