لاهور: ن ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز پي ٽي آءِ طرفان ريلي ملتوي ڪرڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ مريم نواز لکيو ته پوليس جي خوف کان ”تحريڪون“ ڪينسل ڪندڙ کي گدڙ چوندا آهن”هن چيو ته جيڪو مشرف جي هر رنڊڪ ٽوڙي سامهون کان ليڊ ڪري، ان کي نواز شريف چوندا آهن، گوجرانوالا کان اڳ عدليا بحال ڪرائيندڙ ليڊر کي نواز شريف چوندا آهن.