لاهور:پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان ملڪي صورتحال تي آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي سينئر ميمبر بريڊ شرمين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.عمران خان سان ڳالهائڻ کانپوءِ بريڊ شرمين پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ جهموريت کي هٿي وٺائڻ تي زور ڏنو ۽ طاقت جي استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ اختيارين کي اظهار جي آزادي کي يقيني بنائڻ گهرجي، هن ظل شاهه جي موت ۽ ارشد شريف جي قتل جي شفاف جاچ جو به مطالبو ڪيو.