عدليا ۽ فوج پنهنجو ڪم ڪري ته سياست ۾ ميچورٽي اچي سگهي ٿي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي: اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن عدليا ۽ فوج پنهنجو ڪم ڪري ته سياست ۾ ميچورٽي اچي سگهي ٿي.ڪراچي ۾ نيشنل ڊائيلاگ آن ري اميجنگ پاڪستان جي تقريب سان خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته عدليا آئين جي حساب سان نه پنهنجي مرضي سان ڪم ڪندي آهي، ڪڏهن آئين جي پاسدار بڻجي ويندي آهي، ڪڏهن ڊاڪٽرائن ۽ ڪڏهن جج هم خيال ٿي ويندا آهن.هن چيو ته حڪومت جو ڪم پوليس اسٽيشن ۽ ڪورٽ هلائڻ آهي، پيٽرول پمپ هلائڻ ناهي.مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ملڪ ۾ معاشي بحران آهي، اسان سريلنڪا ناهيون، ملڪ جو ڏيوالو ٿيو ته هتي ماڻهو باهيون ڏئي ڇڏيندا، هتي سڀني وٽ هٿياربند جٿا آهن، اسان کي نفرتون ختم ڪرڻيون آهن.