ڪراچي: ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڄ تائين عوام لاءِ قانون سازي ٿيندي ناهي ڏٺي.ڪراچي ۾ ري اميجننگ پاڪستان سيمينار سان خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب کان جج ۽ جرنيل آجا آهن، نيب جو سربراهه جج يا جنرل ئي هوندو آهي، ملڪ ۾ آمر ادارو ٺاهيو ته سياستدانن جو احتساب ڪري، نيب اڄ تائين ڪو احتساب نه ڪيو، نيب کي خوف سبب ڪو بيورو ڪريٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ئي تيار ناهي.هن چيو ته ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت هاڻي سياسي نظام ۾ ناهي، نوجوان اسان جو اثاثو پر ملڪ ڇڏڻ جا دڳ ڳولي رهيا آهن، پارليامينٽ ۾ اڄ تائين عوام لاءِ ڪا قانون سازي ٿيندي ناهي ڏٺي، هر قانون سازي حڪومت جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٿيندي آهي؛سندس موجب اڳ ۾ اسان کي غلطيون قبول ڪرڻيون پونديون، اڄ سڌارن ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن هلايو پيو وڃي ائين ملڪ ناهن هلندا، حل آئين ۾ آهي ٻيو ڪو رستو ناهي.