سکر: سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ ايس پي يو سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو بحالي لاء احتجاج

سکر: سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ ايس پي يو سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو بحالي لاء احتجاج ۔ سي پيڪ جي ملازمن نوڪرين جي بحالي لاء هائي ڪورٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته 2016 ۾ سي پيڪ پروجيڪٽ لاء سنڌ پوليس ۾ مستقل بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو هو زندگي جا پنج سال ڏکين حالتن باوجود  ڊيوٽي ڏني آھي اسان جا ڪافي دوست نوڪري دوران شهيد به ٿي ويا آھن۔ اداري پاران 2020عدالتي فيصلي جي آڙ ۾ هڪ مهارت  ذريعي اسان کي مستقل مان ڪانٽريڪٽ ۾ تبديل ڪيو ويو هو جڏهن ته اسان کي 2016 جي رول جي خلاف قرار ڏئي هٽايو ويو آھي جيڪا وڏي ناانصافي آھي۔ 1552ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو آهي , مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان سميت ٻين اعلي اختيارين کان معامري جو نوٽيس وٺي بحالي جي اپيل ٿا ڪئي آھي۔