سکر:صوبائي وزير سعيد غني جون هائي ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته عدالتن مان جيترو جلدي رليف عمران خان کي مليو آهي الله ڪري سڀني کي ملي عمران خان چوندو آهي ته ملڪ ۾ ٻه قانون آهن بدقسمتي سان ملڪ ۾ عمران خان لاء الڳ ۽ ٻين لاء الڳ قانون آهي عمران خان کي عدالتون گهرائينديون ته هو ناهي ويندو گرفتاري جا وارنٽ نڪتا ته هڪ ڪلاڪ اندر پٽيشن داخل ٿي ۽ عمران خان کي رليف مليو اهي مهربانيون عمران خان سان نه ٿيڻ گهرجن عدالتون ساڻس رعايت نه ڪن عمران خان ملڪ ۾ فتنو فساد ۽ ادارن جي تباهي چاهي ٿو صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته توشه خانه جي قانون موجب گهٽ قيمت وارا تحفه مفت ۾ ۽ باقي ويهه سيڪڙو ادائگي تي وٺي سگهجن ٿا پر عمران خان توشه خاني مان تحفا کڻي ٻاهر وڪڻي پيسه ڪمايا آھن توشه خاني مان پئسه ڏئي تحفه وٺڻ غلط ڳالهه ناهي پر چيمپيئن عمران خان ڪم الڳ ڪم ڪيو آهي عمران خان تحفه وڪڻڻ واري دڪان جي جيڪا رسيد ڏيکاري اها ته ڪوڙي نڪتي صوبائي وزير چيو ته 580 ليبر فليٽن جي الاٽمنٽ ٿي چڪي آهي ٻوڏ متاثرن کي ترسائڻ جي ڪري ۽ ڪجهه شڪايتن سبب فليٽن جي الاٽمنٽ رڪيل آهي مزدورن جي حوالي سان مستقبل جو پلان بابت عدالت کي آگاهي ڏني آھي قلم جي پورهيتن کي نئين قانون تحت ليبر ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويندو۔