پنجاب ۾ چونڊون: پي ٽي آءِ عدالتي عملي جي مقرري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) پنجاب جي چونڊن ۾ ماتحت عدليه کان ڊسٽرڪٽ ريٽرنننگ آفيسر(ڊي آر او) ۽ ريٽرننگ آفيسر(آر او) وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ورتو.تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي طرفان صوبائي اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي نالي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ ماتحت عدليه کان ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ۽ ريٽرننگ آفيسروٺڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ڪميشن کان اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 50 ۽ 51 جي تحت درخواست ڏني وئي آهي ۽ آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 218 جو حوالو ڏنو ويو آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ ميان اسلم اقبال خط اليڪشن ڪميشن پنجاب جي آفيس کان وصول ڪرايو. خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسر ماتحت عدليه کان ورتا وڃن. صاف ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ اهو عمل ضروري آهي.