ڪنڌڪوٽ :جي ڪچي واري علائقي مان ھڪ ويڊيو وائرل ٿي آھي ڌاڙيل ته سنڌ ۾ بدنام سڏجن ٿا ڏوھاري ته ضرور آھن مگر ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ رھندڙ نواب جاگيراڻي جھڙو نالي جو نواب آھي ائين دل جو به نواب آھي جنھن ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته تمام ڌاڙيلن کي عرض ٿو ڪيان ته عورتن معصوم ٻارڙن ۽ مسافرن مٿان ظلم ۽ زيادتي نه ڪيو وڃي نواب جي اھڙي بيان پرو چانڊيو واري دور کي ياد ڪرايو آھي رات دير سان نواب جاگيراڻي کي ھڪ فقير طبيعت مالڪ محمد عارف نالي شخص ھٿ آيو آھي جيڪو رحيم يار خان جو رھواسي ٻڌائي ٿو نواب چئي ٿو ته ھن جو وارث رابطو ڪن يا ڪو سٺو پوليس آفيسر رابطو ڪري ته ان جي حوالي ڪندس