سکر:عورت فائونڊيشن ۽ جذبه گروپ پاران سکر پريس ڪلب ۾ ضلعي سطح تي سياسي پارٽين جي منشور جي عنوان هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو پروگرام ۾ مختلف سياسي

سکر:عورت فائونڊيشن ۽ جذبه گروپ پاران سکر پريس ڪلب ۾ ضلعي سطح تي سياسي پارٽين جي منشور جي عنوان هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو پروگرام ۾ مختلف سياسي , سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي پروگرام کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هر سياسي جماعت کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين اندر اڪثريت سان کٽڻ لاء جنرل سيٽن تي سو سيڪڙو کٽڻ لاء عورتن کي گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن سيڪڙو ٽڪيٽون ڏيڻ گهرجن عورتن سميت بنا ڪنهن رنگ نسل ٻولي ذات پات جي مذهبي نسلي اقليتن معذور ماڻھن سميت کدڙن فقيرن کي به مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪري چونڊ مهم جو حصو بڻايو وڃي هنن چيو ته پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن جا جيڪي آئيني ۽ قانوني خدشا آھن انهن کي ختم ڪري سندن سماجي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي هنن چيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ کي عملي طور وڌائڻ لاء قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن لاء رکيل مخصوص ڪوٽا کي سترنهن مان وڌائي 33 سيڪڙو ڪيو وڃي ڇو ته اسيمبلين اندر عورتن جي سيٽن ۾ اضافي سان سندن جائز حقن واري جدوجهد ۾ بهتري ايندي پروگرام ۾ مختلف سياسي سماجي وڪيل شهري تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي