سکر:پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کوڙو چيو آھي ته عمران خان عدالتن ۾ اچڻ کان گهٻرائي رهيو آھي هو ڇو عدالتن جا حڪم نه ٿو مڃي گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بجاء رزسٽ ڪرڻ به ڏوھ آھي اهڙو اظهار هن سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوء ميڊيا سانڳالهائيندي ڪيو نثار کوڙو وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪم تي آصف علي زرداري۔ نوازشريف وزير اعظم هوندي به پيش ٿيندو رهيو هو پر عمران خان گرفتاري ڏيڻ بجاء ليڪچر پيو ڏئي عمران کي گوليون ۔ڏنڊا ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس هلڻ کان اڳ گرفتاري ڏيڻ گهرجي۔