لاهور: هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) کي مينار پاڪستان تي جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر طرفان قلم 144 لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران حماد اظهر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ قلم 144 لاڳو نٿو ڪري سگهجي. عدالت نگران پنجاب حڪومت جي قدمن کي غير قانوني قرار ڏئي ۽ مستقبل ۾ به قلم 144 جي حوالي سان گائيڊ لائين جاري ڪري.