ڄامشورو: شهيد ﷲ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري، انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر ڪراچي ۽ اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊزائن اينڊ هيريٽيج سکر مستقبل ۾ گڏجي آرٽ، ڊزائن ۽ هيريٽيج شعبي جي تعليم، واڌاري ۽ سڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي انڊس ويلي اسڪول ۾ ٽنهي ادارن جي سربراهن پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ، فائزه مشتاق، آرڪيٽيڪٽ همير سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ادارن جي سربراهن کي انڊس ويلي اسڪول ڪراچيءَ جي مختلف شعبن، اسٽوڊيوز، ڪلاس رومز ۽ ميسر سهولتن بابت ڄاڻ ڏئي دورو ڪرايو ويو. ٽنهي ادارن جي سربراهن مستقبل ۾ آرٽ، ڊزائن ۽ هيريٽيج جي واڌاري، سڌاري ۽ واڌ ويجهه سميت لاڳاپيل شعبن جي استادن ۽ شاگردن جي مٽا سٽا، تحقيق کي هٿي وٺرائڻ، ورڪشاپ ڪرائڻ ۽ گڏيل نمائشون منعقد ڪرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون.شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو دوري بابت ٻڌايو ته يونيورسٽين ۾ تعليمي ۽ مڙني معاملن جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي ۽ اميد آهي ته صوبي جون آرٽ سان سلهاڙيل سموريون يونيورسٽيون گڏجي صرف هڪ مقصد آرٽ جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪنديون. هن چيو ته گڏجي ڪم ڪرڻ سان ادارن جي واڌ ويجهه ٿيندي ۽ ٻئي مرحلي ۾ آرٽ بابت گڏيل مقصد حاصل ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.