زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن: پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون گرفتاريون شروع

لاهور: عمران خان جي لاهور کان اسلام آباد روانو ٿيندي ئي پوليس زمان پارڪ ۾ آپريشن شروع ڪندي پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لڳايل ڪيمپون پٽي ڇڏيون آهن.پوليس جو لاهور ۾ عمران خان جي گهر زمان پارڪ ۾ آپريشن جاري آهي. سي سي پي او لاهور پاڻ آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي.زمان پارڪ جي علائقي کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي. پوليس سان گڏ واٽر ڪين، بلڊوزر ۽ قيدين جي وين به شامل آهي. پوليس ڪرين جي مدد سان پي ٽي آءِ طرفان لڳايل ڪيمپ پٽي ڇڏيا آهن ۽ ڪنٽينرز کي پڻ هٽايو ويو آهي.عمران خان جي گهر ٻاهران موجود پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪارڪنن طرفان پوليس سان مزاحمت ڪئي پئي وڃي ۽ پوليس مٿان پٿراءُ پڻ ڪيو پيو وڃي. پوليس ڪارڪنن کي قابو ڪڻ لاءِ شيلنگ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.