عمران خان جي قافلي ۾ شامل گاڏيون حادثي جو شڪار، ڪيترائي ڪارڪن زخمي

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي قافلي ۾ شامل گاڏيون حادثي جو شڪار ٿي ويون. اختيارين موجب عمران خان جي قافلي ۾ شريڪ ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.اسلام آباد ويندي ڪلر ڪهار ويجهو عمران خان جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿيڻ کان ذري گهٽ بچي وئي پر قافلي ۾ شريڪ ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا آهن.امدادي ڪارڪنن موجب حادثو حافظ آباد کان شامل ٿيندڙ گاڏي جي اونڌي ٿيڻ سبب پيش آيو آهي. واضح رهي ته توشه خانه ڪيس ۾ پيشي لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان زمان پارڪ لاهور کان اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو آهي ساڻس گڏ ڪارڪنن جو وڏو انگ به موجود آهي.