لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ لاهور ۾ پوليس آپريشن جاري آهي.پوليس گيٽ ڀڃي عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءُ سبب 3 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا آهن.ان کان اڳ پوليس زمان پارڪ ويجهو رنڊڪون هٽائي ڇڏيون هيون جڏهن ته تحريڪ انصاف جي 15 ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. 4 ايس پيز اينٽي رائٽ فورس جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن جڏهن ته پوليس جا هڪ هزار جوان به آپريشن ۾ شامل آهن.پوليس 4 قيدي وينون، 2 ڪرينون ۽ ٻئي مشينري مال روڊ چوڪ تي بيهاري ڇڏيون آهن. جڏهن ته اينٽي رائٽ فورس جي وڏي نفري به مال روڊ تي مقرر ڪئي وئي آهي.