سکر : حضرت ميان آدم محمد شاهه ڪلهوڙي جي 425 هين سالياني عرس مبارڪ جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن

سکر : حضرت ميان آدم محمد شاهه ڪلهوڙي جي 425 هين سالياني عرس مبارڪ جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن، عقيدتمند جي عرس مبارڪ ۾ شريڪ ٿيڻ عامد شروع، تفصيل موجب، حضرت شهيد ميان آدم محمد شاھ ڪلهوڙو رح جي 425 سالانه عرس مبارڪ جون تياريون مڪمل ٿي ويو آهن، وڏي عقيدي سان اڄ ڇنڇر ڏينهن ميلو ڪيو ويندو جنهن لاءِ روهڙي، صالح پٽ، لاڙڪاڻو، شڪارپور، خيرپور ۽ گهوٽڪي سميت ٻين علائقن مان عقيدتمندن زائرين جو وڏو انگ سکر ۾ درگاه تي پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ سجاد نشين ميان جهانگير عباسي چيو ته حضرت آدم شاهه ڪلهوڙي جو عرس هر سال ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ عقيدتمند هر سال وانگر هن سال به درگاهه تي حاضري ڀريندا ميلي ۾ صوفياڻي ڪلامن جو پروگرام پن منعقد ڪيو ويندو ۽ خاص مهمان سردار معظم خان عباسي ڊپٽي ڪمشنر سکر ايس ايس پي سکر ٻيا پروگرام ۾ شرڪت ڪندا، ميان جهانگير عباسي درگاه جي سجاده نشين وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا پاران سڪيورٽي سميت لائيٽنگ وغيره جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.