سکر:آل ايمپلائيز الائنس ضلعي سکر جي اجلاس جو ڏيک ٻئي طرف اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن جو گروپ فوٽو

سکر: ۾ وفاقي ۽ صوبائي ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاء ”آل ايمپلائيز الائنس  ضلعي سکر“ جوڙيو ويو ضلعي ڪائونسل ايمپلائيز ليبر يونين سکر جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي جي ميزباني هيٺ يونين آفيس ۾ واپڊا۔سوئي گئس۔ايريگيشن۔ميونسپل ڪارپوريشن۔گسٽا۔پ ٽ الف۔آپڪا۔روينيو۔ضلعي ڪائونسل يونين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل ايمپلائيز ليبر يون جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي۔ واپڊا جي اڳواڻن سيد زاهد حسين شاھ۔شجاع احمد گهمرو۔نذر محمد ميمڻ۔ڏاڏو ديدار حسين۔گسٽا جي شھزاد عباسي۔ايريگيشن جي خادم حسين کوسو۔سوئي گئس يونين جي صدر خادم حسين شيخ۔آپڪا جي محمد پناھ مهر۔آغا طاهر مغل۔پ ٽ الف جي بشير احمد سومرو۔ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي علي مردان شيخ۔سعيد احمد مهر۔روينيو جي امير علي شيخ چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت يونينز مٿان پابنديون مڙھڻ جو تياريون ڪري رهيون آھن بلوچستان ۾ ته پابندي هنئي وئي آھي ملازمن جي حقن لاء آواز بلند ڪندڙ انهن کي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀن ٿا ڪنهن به ملازم سان ناجائزي ٿي ته سڀ گڏجي ان سان بيهنداسين آل ايمپلائيز الائنس سکر ڪنهن به ملازم سان ناجائزي ٿيڻ نه ڏيندو اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو ته يوم مئي وارو ڏينهن ڀرپور طريقي سان ملهائي شڪاگو جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي جڏهن سڀاڻي اڱاري ڏينهن ميونسپل ڪارپوريشن مزدور يونين جي احتجاج ۾ سڀ شامل ٿيندا سين ۔آخر۾ گڏيل مشوري سان عبدالمجيد جسڪاڻي۔خادم حسين کوسو بشير احمد سومرو۔محمد پناھ مهر سميت ٻين اڳواڻن تي مشتمل9 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي۔