فرح گوگي جي وڪيل نيب چيئرمين کي نوٽيس جو جواب اماڻي ڇڏيو

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرحت سهزادي عرف فرح گوگي جي وڪيل نيب چيئرمين کي نوٽيس جو جواب اماڻي ڇڏيو آهي.فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جي وڪيل قومي احتساب بيورو(نيب) کي نوٽيس جي جواب ۾ چيو آهي ته فرحت شهزادي جو توشه خانه ڪيس سان ڪوبه تعلق ناهي. نيب ڪنهن به پرائيويٽ شخص کان جاچ نٿو ڪري سگهي.نوٽيس جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته نيب سياسي مخالفت ۾ نوٽيس اماڻي رهيو آهي. نيب چيئرمين طلبي جو نوٽيس ختم ڪري ٻئي صورت ۾ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.