ڪراچي: اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران تڪراري نتيجن جو شڪار ٿيندڙ 6 يونين ڪائونسلز ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ٻيهر ڳڻپ مومن آباد جي يوسي 3 ۽ منگهو پير يوسي 12 ۾ ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي شرقي جي علائقي گلشن اقبال جي يوسي 1، اورنگي جي يوسي 3، 7 ۽ 8 ۾ به ٻيهر ڳڻپ ٿيندي.ياد رهي ته جماعت اسلامي ڪراچي ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ 6 يوسيز جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيا هئا.ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي هينئر تائين جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي 83 سيٽن سان گڏ پهرين نمبر تي آهي. جڏهن ته جماعت اسلامي 82 سيٽن سان ٻئي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف 30 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.مسلم ليگ(ن) 5 ۽ جماعت اسلامي پاڪستان 3 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته هڪ سيٽ آزاد اميدوار جي حصي ۾ آئي آهي.