انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿي ويو.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 72 پئسا سستو ٿيو آهي، ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 283.20 رپيا رهيو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿيو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 286 رپيا ٿي ويو آهي.