ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي رمضان المبارڪ لاءِ اسڪولن جو وقت جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب رمضان المبارڪ دوران اسڪولن جي ٽائمنگ صبح 7:30 کان 11:30 تائين هوندي.پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جمعي ڏينهن صبح 7:30 کان 10:30 تائين اسڪولن ۾ تبديلي عمل جاري رهندو.صوبائي تعليم کاتي چيو آهي ته ڊبل شفٽ ۾ هلندڙ اسڪولن جو وقت صبح 11:45 کان 2:45 تائين هوندو.هوڏانهن سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري ڪلاسن جو وقت صبح 8:30 کان 12:30هين تائين هوندو، جمعي ڏينهن وقت 7:30 کان 10:30 تائين هوندو.