سکر:پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪر صدرالدين کوسو پنهنجي پٽ ظاهر حسين کوسو ۽ ٻين سان گڏجي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي

سکر:پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪر صدرالدين کوسو پنهنجي پٽ ظاهر حسين کوسو ۽ ٻين سان گڏجي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سکر ٽائون شپ واري علائقي ۾ حسنين ڊومڪي ۽ ٻين سندس پٽ اسڪولي شاگرد ظاهر حسين کوسو سان بدتميزي ڪري ساڻس جهيڙو ڪري کين مارڪٽ ڪئي جنهن ۾ اسان جي هڪ همراه جي ڄنگهه به ڀڄي پئي هن ٻڌايو ته اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايڇ او اقبال ڊومڪي پنهنجي برادري جي ماڻھن جي پٺڀرائي ڪندي اسان کي ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ذسردار تعمور خان ڊومڪي جو چئي واپس موٽائي ڇڏيو هن ٻڌآيو ته اهڙي واقعي جي آگاهي پ پ سکر جي قيادت کي به ڏني آهي پوليس گذريل رات دير سان صدر الدين کوسو , ظاهر کوسو سميت ٽم ڄڻن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي جنهن ۾ اسين ضمانت ڪرائڻ لاء عدالت پهتاسين ته ايس ايڇ او اقبال ڊومڪي اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري هڪ ڄڻي دلمراد کوسي کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي هن ٻڌآيو ته اقبال ڊومڪي مسئلو حل ڪرائڻ بجائي قبيلائي تڪرار ڪرائڻ چاهي ٿو لجنهن کي فوري طور روڪيو وڃي هنن پ پ جي مڪامي ۽ اعلي قيادت سميت ڊي آئي جي ء ايس ايس پي سکر کان معامري جو نوٽيس وٺي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي۔