اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو. هن فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسي فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي شفاف، اڻ ڌريون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻيون آهن. چونڊن وقت وفاق ۽ صوبن ۾ نگران حڪومتون قائم ٿينديون.اطلاعات واري وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي.هن وڌيڪ چيو ته هڪ ماڻهو جي انا سبب ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون مڙهيون پيون وڃن. جڏهن قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿينديون ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿينديون. 30 اپريل تي 2 صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته اهي هميشه جي لاءِ تڪراري ٿي وينديون. چونڊون 30 اپريل تي ٿيون ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 6 مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وينديون. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو. هن فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو.مريم اورنگزيب چيو ته هڪ ماڻهو جي مرضي تي آئين نٿو هلي سگهي. هو جڏهن چاهي آئين کي ٽوڙي ڇڏي ۽ جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو هاڻ نه هلندو. هو جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، اهو برداشت نه ڪنداسين.اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي آڏو رکندي فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. آئين جي آرٽيڪل 218 جي تحت اليڪشن ڪميشن کي يقيني بنائڻو آهي ته شفاف، اڻ ڌريون ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين.