راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آئين ۾ چٽو لکيل آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿينديون.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي آئيني بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. آئين ۾ چٽو لکيل آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿينديون. هن چيو ته هاڻ سپريم ڪورٽ جو امتحان آهي ته هو غير آئيني ۽ غيرقانوني حڪومت کي هلڻ ڏئي يا انهن مٿان آرٽيڪل 6 لڳائي ٿي.اڳوڻي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس به اهو چئي چڪو آهي ته شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿي ته مداخلت ڪنداسين. شيخ رشيد چيو ته نگران حڪومت جي هاڻ ڪابه حيثيت ناهي، پاڪستان ۾ تماشو لڳايو ويو آهي.هن چيو ته 13 جو ٽولو تباهي ۽ بربادي جي نشاني بڻجي ويو آهي. آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪ سڀني طرفان مدد کان انڪار ڪيو پيو وڃي. آءِ ايم ايف سان 3 اجلاس ناڪام ٿي ويا آهن. پيٽرول جي سبسڊي جو ڊرامو به واپس ورتو ويو آهي.شيخ رشيد چيو ته جڏهن حڪومت آئين کي نه مڃيندي ته عوام حڪومت کي ڇو مڃيندو. اڄ موڪل آهي، سڀاڻي کان سپريم ڪورٽ جي دروازي طرف عوام جون نظرون هونديون. ملڪي ۽ پرڏيهي سرمائيڪارن جي لاءِ به منفي پيغام پيو وڃي. قوم کي ٻڌايو وڃي ته ملڪ کي ڪهڙي طرح وٺي وڃڻو آهي. ترڪي ۾ زلزلي سبب 50 هزار ماڻهو مري ويا پر اتي به چونڊ شيڊول تبديل نه ٿيو.